اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ??ارپوريشن آف پاڪستان کي فوتي پاليسي هولڊرز جي پونئيرن کي 7 لک جا انشورنس ??ليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ انشورنس ??مپني جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي تي سول نه ٿو اٿاري سگهجي. فوتي اظهر حسين ۽ مظهر حسين ترتيبوار 6 لک ۽ 1 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون ۽ لاڏاڻي کانپوءِ انشورنس ??مپني بيماريون ڳجهيون رکڻ جي بنياد تي پونئيرن کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏ??و، انشورنس ??مپني انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري لڪائڻ جو الزام هڻي پونئيرن کي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏ??و ه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي ثابت ڪرڻ انشورنس ??مپني جي ذميواري آهي، انشورنس ??مپني بيماري جي موجودگي جي حوالي سان ناقابل ترديد ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پاليسي هولڊرز جي لاڏاڻي کانپوءِ انشورنس ??مپني بيماريون ڳجهيون رکڻ جي بنياد تي پونئيرن کي رقم جي ادائيگي انڪار ڪري ڇڏ??و جنهن تي پونئيرن انصاف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب معق??ل جواز کانسواءِ ادائيگي نه ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف جي خلاف فيصلو ڏنو ه??. وفاقي محتسب معاملو حل ڪرڻ، بنا دير جي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر فيصلي تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو ه?? جڏهن ته انشورنس ??مپني ٻنهي فيصلن جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏ?? هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني پاران فراهم ڪيل دستاويز پاليسي حاصل ڪرڻ کانپوءِ جي بيماري بابت آهن، قابل قبول نه آهي، ٻنهي ڪيسز ۾ فوتي پاليسي هولڊرز کي ڪمپني جي فيلڊ آفيسرن صحتمند قرار ڏنو ه??. صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي وٺڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگجي. هن انشورنس ??مپني جي درخواست رد ڪندي چيو ته ادارو 30 ڏينهن جي اندر حڪم جي تعميل ڪري.