اسلام آب??د – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان ??ڌ استعمال اڻٽر آهي، صنعتڪارن جي مشاورت سان ??يڪسٽائيل انڊسٽري جي بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”آ??ان ڪاروبار پروگرام“ جي حوالي سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، غير م??ڪي سفارتڪارن، واپاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ??ان روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي ان ??وقعي تي ڪاروبار جي باري ۾ پورٽل جاري ڪرڻ جي ساراهيندي چيو ته ان سان ??اپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ واپار جي باري ۾ آگاهي حاصل ٿيندي. صدر چيو ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان ??ڌ استعمال اڻٽر آهي، ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. هن تقريب جي انعقاد تي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻين ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قومون سڌارن ??ان ترقي ڪنديون آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??لڪ کي فائدو ٿيندو، عورتن کي به ڊجيٽل سيڪٽر ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، صدر چيو ته صوبائي حڪومتن ان ??نصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ سان ??ڪمل تعاون ڪيو آهي جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو قدم آهي، مملڪتي وزير ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، هڪ سئو کان ??ڌيڪ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ??ان 167 سڌارن تي غور ڪيو ويو، مجموعي طور تي 75 ادارن ۾ 115 سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو جنهن مان 30 کان ??ڌيڪ شعبن کي فائدو حاصل ٿيو آهي جنهن ۾ فوڊ پراسيسنگ، صحت جو شعبو، شمسي توانائي جو ڪاروبار، جراحي اوزار ٺاهڻ واري شعبي کانسواءِ تعميرات ۽ سياحت جا شعبا شامل آهن. وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿي آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ان سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لاءِ مسئلن کي گهٽ ڪيو ويو آيه، هن صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، تقريب کي عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به خطاب ڪيو. هن صدر کي تقريب ۾ شرڪت تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آ??ان ڪاروبار پروگرام سان ??اهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ ان سان ??لڪ ۾ روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا، بورڊ آف انويسٽمينٽ ”آ??ان ڪاروبار پروگرام“ جو آغاز ملڪ ۾ واپار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي، ان ??روگران سان ??نڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سڌارن جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ صدر بورڊ آف انويسٽمينٽ جي بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان ??وقعي تي هن نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.