اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گفتگو دوران ??طر??ي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ??طر??ي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??طر??ا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود ق??يشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ??طر??ي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، ??رڏيهي وزير ملائيشين هم منصب کي اسلام آباد ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ريٽنو مرسودي سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيان، او آءِ سي ۽ ٻين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ??نهي پرڏيهي وزيرن ??طر??ي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري ??کڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي کي انڊونيشيا جي دوري جي دعوت ڏني، دعوت قبول ڪندي پرڏيهي وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي انڊونيشيا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.