راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوا??ي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمو??ار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان وا??عي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي ??ي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذمي??ار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمو??ار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چيو ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سا?? سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سا?? ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿيو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان وا??عي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي ??ي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چيو ته پاڪستان ان وا??عي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذمي??ار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان وا??عي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چيو ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فوج جو سياست سا?? ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.