ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري ??وري ??ي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ??يئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پر??يه?? وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو ??رڪاري ??ورو ڪري ??هيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو ??ورو ڪري ??هيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري ??و اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي وي??دي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو ??ورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو ??ورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ڪندو.