اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ??ه گلگت ب??تستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عالمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ب??تستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت ب??تستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت ب??تستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت ب??تستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.