اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ س??ڪر??ٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگرد?? جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪار?? جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستا?? جي ترقي ۽ استحڪام جا مخالف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ اما?? جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سين??ٽ ۾ قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪار?? جي بلند درج?? جي دعا ڪئي.