فصيل آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي نوشڪي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف وڙهندي ملڪ تي قربان ٿيندڙ دلير سپوت ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد بلال خليل شهيد جي ر??ائشگا??ه تي پهچي شهيد جي والد ۽ ٻين عزيزن سان تعزيت ڪئي. فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن سان جنگ ڪندي شهيد ٿيندڙ قوم جي سپوتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته شهيد قوم جي مٿي جا موڙ آ??ن، اسان کي پنهنجي جوانن جي قربانين تي فخر آهي. مملڪتي وزي?? چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ بي مثال قرابنيون ڏنيون آهن. فرخ حبيب الله تعاليٰ کان شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي.