ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل ا??نڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن ا??نڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف علوي چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انڊسٽري ۽ تربيتي ادارن کي روزگار ??ا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضب??ط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار ??روع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرج??. ا?? کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ا??نڊ ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي صوبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار ??ابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڌرين تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ا??نڊ ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.