اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پا??ٽي?? جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهي?? آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته اڪبر ايس بابر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ايس بابر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪي?? آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ايس بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ان رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، فرخ حبيب چيو ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت ع??يم جو عوام کي ٻڌائين ته اهي ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻ?? آهي. هن چيو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پا??ٽي?? جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چيو ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهي?? آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ا?? معاملي کي حل ڪري، فرخ حبيب چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهي?? آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پاڪستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه نه نڪتو.