اسلام آبا?? – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ايران جي ص??ر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ م??تحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ م??بوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو. ٻنهي ص??رن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي ??طمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ايران جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. صدر ايراني ص??ر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ??يران جي اصولي موقف تي ??يراني ص??ر جا ٿورا مڃيا. صدر ايران جي ص??ر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ايران جي ص??ر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.