اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۽ تعلقي جي ??طح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن پنهنجي ??دارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي ??ازي رجحان جي ڪري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي ??هيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪينزم جي ??ريعي ضرورت جي ??ين جي قيمتن جي موثر نگراني کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ سپلائي چين تي مناسب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي ??اري ڪيل اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ??ريعي ضرورت جي ??ين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ضلعي ۽ تعلقي جي ??طح تي قيمتن جي نگراني جي مضبوط مڪينزم جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ غيرموثر مارڪيٽ ڪميٽي?? بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي ??رورت آهي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.