تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پ??ڪس??ان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پ??ڪس??ان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم م??صب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علا??قا??ي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد ا??غانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندي علا??قا??ي صورتحال جي حوالي سان پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو.