اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان خاص طور تي ٻارن کي آن لا??ين دستياب غير اخلاق?? مواد کان بچا??ڻ جي ضرورت آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ن??ين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ فحش ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ن??ين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، جديد ٽيڪنالاجي جا اوزار ۽ ٿري جي ۽ فو?? جي انٽرنيٽ جي پکيڙ ماڻهن جي هر قسم ج?? مواد تا??ين پهچ ممڪن بڻائي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن خاص طور تي ٻارن کي آن لائن دستياب غير اخلاق?? مواد کان بچا??ڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو آن لا??ين مواد ج?? موثر گيٽ ڪيپنگ کي يقيني بڻا??ين ته جيئن معصوم دماغن کي آن لا??ين غير اخلاقي ۽ فحش مواد جي اثرن کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو هو ته مواد جي پهچ جي نيٽ ورڪ (سي ڊي اين) خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر، انٽرنيٽ ٽريفڪ جا ڪل شيئر جو 1- 2 سيڪڙو رکن ٿا، انهن کي فحش مواد پيش ڪرڻ جون شڪايتون آهن، ٻيا سي ڊي اين پنهنجي پاليسين موجب فحش مواد پيش ناهن ڪندا. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي کي آئي ايس پيز/سي ڊي اينز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سي ڊي اين، خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر جي ذريعي فحش مواد کي روڪي سگهجي. پي ٽي اي کي پنهنجي ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم (ڊبليو ايم ايس) جي صلاحيت وڌا??ڻ جي به ضرورت آهي ته جيئن فحش ويب سائيٽس جي ڪجهه عالمي ۽ باقاعدگي س??ن اپ ڊيٽ ٿيل ڊيٽا بيس سان انضمام ڪري کين يو آر ايل ۽ ڊومين جي س??ح تي بلاڪ ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي ان منصوبي جي فزيبلٽي پر ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جو لاڳو ٻن مهينن جي مدي ۾ ممڪن ٿي سگهندو. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، نيا ٽيل جو چيئرمين راشد خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.