اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا حڪومت جا فيلگ شپ منصوبا آهن، انهن منصوبن سان غير ملڪي سيڙپڪاري ۽ معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ٻئي حڪومت جا فليگ شپ ريئل اسٽيٽ پروجيڪٽس آهن جنهن سان ملڪ ۾ جديد، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهبو، اهي منصوبا ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ??اءِ تمام اهم آهن، ته جئين معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهجي، آر يو ڊي اي خاص طور تي لاهور شهر جي ماحول ۽ زير امين پاڻي جي سطح بهتر رکڻ لاءِ اهم آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو لاهور شهر جي پائيدار ترقي لاءِ ماڻهن کي انهن ٻن ميگا رئيل اسٽيٽ پراجيڪٽس خاص طور تي ??ر يو ڊي اي جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ موثر ميڊيا پلان جوڙي. وزيراعظم انهن منصوبن جي ڪاميابي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ??اءِ مختلف قانوني مسئلن کي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سي اي او روڊا وزيراعظم کي ٻڌايو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۾ رستن ۽ سيوريج جي منصوبن تي ??رقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، وڻن جي منتقلي تي ??ه نه رڳو 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ان علائقي ۾ 5000 جي لڳ ڀڳ وڻ به پوکيا پيا وڃن، وزيراعظم کي اهو به ٻڌا??و ويو ته والٽن لاهور ۾ 122 ايڪڙ زمين تي ??اب پاڪستان پراجيڪٽ 500 ملي?? آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو پ??و وڃي. سي بي ڊي تازي جاري دبئي ايڪسپو جي دوران 250 ملي?? آمريڪي ڊالر جي غير قانوني سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ مختلف معاهدن تي ??حيحون ڪرڻ ??ڃي رهيو آهي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي انتظانيه روينيو شيئرنگ مادل تحت لاهور ايئرپورٽ جي غير زير استعمال زمين تي ڪمرشل ڊسٽرڪٽ تيار ڪرڻ جي معاهدي تي ??ه صحيحون ڪيون آهن، وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ رک جهوڪ ٻيلي جي ترقي تي ??ه ڪم جاري آهي.