اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ن??رو?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ن??رو?? جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالم?? اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ن??رو?? جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ن??رو?? ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ن??رو?? جون وڏيون ڪمپنيون، اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ن??رو?? جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ”ن??رو?? جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ن??رو?? فرينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير ن??رو??جين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي س??ن پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.