اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کا?? هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي من??فع?? ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ايم ڊي اي فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نش??يا?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي رهيو هو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي انساني حق?? بابت اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ ٽن مهينن کا?? رڪيل آهي، 18 هين ترميم کا??پوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي اين اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ايم ڊي اي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ايم ڊي اي بابت تجويزون پيش ڪيون.