اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??بقاتي ورڇ جي خاتمي لاءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪندي چيو آهي ته آزادي کانپوءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو نه ڪري اسان پنهنجي مٿان ??لم ڪيو، ماضي جي نصاب جي ڪري معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهايل هو، هڪجهڙي تعليمي نصاب سان ملڪ کي هڪ قوم بڻائينداسين، اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم ڏني و??ند??، اقليتن کي به انهن جي مذهبن جي تعليم ڏيڻ گهرجي، ذهني غلامي اصل غلامي کان وڌيڪ خراب آهي، هڪ غلام ذهن ڪڏهن وڏا ڪم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي پاڪستان ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 25 سالن کان هڪجهڙو تعليمي نصاب منهنجو خواب هو، ماڻهو اهو چوندا هئا ته اهو ناممڪن ڪم آهي، ماضي ۾ جيڪي صاحب اقتدار ماڻهو هئا ۽ جن کي فيصلا ڪرڻا هئا انهن جا ٻار انهن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا جتي انگريزي ميڊيم تعليمي نظام هو ۽ سڀئي نوڪريون به ان ??عليمي نظام لاءِ هيون ۽ معاشري ۾ انهن کي ئي فوڪيت ڏني و??ند?? هئي. سول سروس ۾ شموليت نوجوانن جي وڏي خواهش هوندي هئي، سول سروس ۾ انگلش ميڊيم تعليم حاصل ڪندڙن کانسواءِ ڪو وڃي ئي نه سگهندو هو، لارڊ ميڪالي 150 سال پهرين انگريزي ميڊيم تعليم جو نظام کڻي آيو هو ۽ ان ??و مقصد اهو هو ته انگريز ننڍي کنڊ ۾ اهڙا ماڻهو چاهيندا هئا جيڪي هتي جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪن، ان لاءِ انگريز طبقاتي تعليمي نظام هتي ٺاهيو. آزادي کانپوءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو نه ڪري اسان پنهنجي مٿان ??لم ڪيو، ماضي ۾ انگريزي ميڊيم اسڪول گهٽ هئا اڄ وڌي ويا آهن ۽ ان ??ي ڪري اسان ??ي معاشري ۾ طبقاتي ورڇ به وڌي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن هن ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي ته لاهور ۽ ايچي سن ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو ڪلچر هڪٻئي کان ??مام گهڻو مختلف هو ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڪا به هڪجهڙائي نه هئي. اسان ??ي ملڪ ۾ تقريبن 8 لک ٻار انگلش ميڊيم ۽ سوال 3 ڪروڙ ٻار اردو ميڊيم ۾ پڙهي رهيا آهن جڏهن ته ديني مدرسن جي شاگردن جو تعداد 26 لک آهي ۽ ٽنهي تعليمي نظام جي سوچ ۽ ان ??و ڪلچر مختلف آهي. شروع کان ??ي منهنجي اها سوچ هئي ته جڏهن ته م??قع?? ملندو ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب جو نظام لاڳو ڪندس ته جيئن اسان هڪ قوم ٺهي سگهون ۽ اهو به اندازو هو ته اسان کي ان ۾ مشڪلاتون به درپيش ا??ند??ون، ڇو ته جڏهن اشرفيا جو هڪ ط??قو هڪ نظام مان فائدو کڻي رهيو هجي ته هو نه چاه??ند?? ته ان ۾ تبديلي اچي، وزيراعظم چيو ته برطانيه، يورپ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ هر جاءِ تي هڪ ئي تعليمي نصاب آهي، اسان ??ي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪرڻ پهريون قدم آهي ۽ ان ۾ وڏيون مشڪلاتون ا??ند??ون. جيڪي ماڻهو نٿا چاهين ته نصاب ۾ تبديلي ٿئي اهي ان ??والي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا ته اهو ڪم نٿو ٿي سگهي ۽ ان ??لسلي ۾ پنهنجا دليل به ڏيندا، پر انسان ??ڏهن وڏي سوچ سان قدم کڻندو آهي ته هو ڪامياب ٿ??ند?? آهي ۽ ڪاميابي جو راز اهو آهي ته جڏهن توهان وڏو قدم کڻون ته پنهنجون ٻيڙيون ساڙي اڳتي وڌو ۽ پوءِ واپسي جو نه سوچيو. هن چيو ته سڀني مشڪلاتن جي باوجود اسان ملڪ کي هڪ قوم ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان ??ي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته اسان ??عليٰ تعليم لاءِ صرف انگريزي زبان ??ي نٿا سکون پر ان ??و پورو ڪلچر اختيار ڪري وٺندا آهيون ۽ اهو سڀ کان وڏو نقصان ??هي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته پوءِ اسان ??ن جي ثقافت کي پنهنجي ثقافت تي ترجيح ڏئي رهيا هوندا آهيون ۽ هڪ ٻئي ڪلچر جا غلام بڻجي رهجي ويندا آهيون. وزيراعظم چيو ته ذهني غلامي اصل غلامي کان وڌيڪ خراب آهي، ذهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ وڌيڪ مشڪل هوندو آهي. هڪ غلام ذهن ڪڏهن به وڏو ڪم نٿو ڪري سگهي، ڪنهن جي نقل ڪري اڳتي نٿو وڌي سگهجي، جدت پسندي اڳتي وٺي و??ند?? آهي، ان لاءِ غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ گهڻو ضروري آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب سان ??سان ??ا نوجوان هڪ رخ ۾ ويندا. وزيراعظم چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم ڏني و??ند??. جنهن تي جلد ڪم مڪمل ڪيو و??ند??. وفاقي تعليم واري وزير 24 -2023ع جي ڊگهي تاريخ ڏئي رهيو آهي، پنجن ڇهن ۾ مهينن ۾ ان ??ي غور ڪر ان ??ي عملدرآمد ڪيو وڃي. دنيا جي تاريخ ۾ حضور اڪرم ﷺ کان وڌيڪ ڪنهن جا ڪارناما نه آهن، حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه تاريخ جو حصو آهي، ان لاءِ قرآن پاڪ اسان کي ان ??ي تعليمن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندو آهي، وزيراعظم چيو ته علامه اقبال انتهائي ذهن شخصيت هو، هن اسلام جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو ۽ جڏهن هن اولهه جو مطالعو ڪيو ته پوءِ بهتر تجزيو ڪيو ۽ ان ??و تجزيو اڄ جي حالتن کان ??ه هڪجهڙائي رکي ٿو. اسان ??ي ملڪ ۾ اهڙي طرح جا اسڪالر نه آهن هتي يا ته اهي ماڻهو ويٺا آهن جيڪي اولهه کان متاثر آهن ۽ ٻي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي اولهه کي ڄاڻيندا ئي ناهن. وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ گلوبل وارمنگ جو مسئلو درپيش آهي ۽ انساني لاکچ ڪري دنيا جي اها حالت ٿي وئي آهي ته هتي انسايت کان وڌيڪ پئسي جو قدر آهي، 60، 70 ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري 3 ارب ماڻهن وٽ هوندي، وزيراعظم چيو ته صرف تعليم ئي ڪافي نه آهي، ان ??ان گڏوگڏ انسانيت ۽ اخلاقيات به ضروري آهي، ان ??ان ??سان ??نهن ماڻهن کان ??ه بچي سگهنداسين جيڪي دين جو نالو پنهنجي ذات، سياست ۽ پئسو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن نوجوانن کي خبر پئجي وڃي ته پوءِ هو اهڙن ماڻهن کان ??زاد ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته اقليتن کي به ان ??ي مذهبن جي تعليم ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو سڀني مذهبن جو بنياد انسانيت آهي، هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود وڏي محنت ۽ مشڪلاتن کانپوءِ هڪجهڙي تعليمي نصاب تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو. جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان کان ??ڳ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود به تقريب کي خطاب ڪيو.