اسلام ??باد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت ??ي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان مالي مراعتون ?? ا??عام ??امل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن لاءِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام ??اقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت ??ي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.