اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) حڪومت هلندڙ مالي سال 22 -2021ع ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ڪيل رقم ۾ 40 سيڪڙو اضافي کانپوءِ ترقياتي ڪمن جي رفتار ۽ فنڊز جي موثر صحيح اس??عمال جي نگراني لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ايس ڊي پي جي موثر اس??عمال بابت اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اس?? عمر، حماد اظهر، مراد سعيد، عمر ايوب خان، خاص مددگارن ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر فيصل سلطان ?? لاڳاپيل اعليٰ افيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان ?? منظم ڪرڻ سان گڏوگڏ منصوبن جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ان ?? لچڪ پيدا ڪئي وئي آهي، ??زا??تن کي منصوبن جي ضرورتن موجب فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو آهي. اجلاس کي گذريل مالي سال ۾ خرچ ڪيل فنڊن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته فنڊز جي اس??عمال جي شرح مجموعي طور تي 104 سيڪڙو رهي جيڪا اهو واضح ڪري ٿي ته ترقياتي ڪمن تي ڀرپور اڳڀرائي ٿي، ان کانسواءِ بين ال??زا??ت ۽ شعبن جي وچ ۾ نگراني جي نتيجي ۾ 140 ارب جا فنڊ تيزي سان تڪميل طرف وڌڻ ۽ وڏي پئماني تي ملڪي ترقي تي مثبت اثر وجهندڙ منصوبن کي منتقل ڪيا ويا جنهن سان نه رڳو عوامي ٽيڪس جي بچت ٿيندي پر فنڊز ضايع ٿيڻ کان بچايا ويا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبابندي واري ??زا??ت منصوبن جي تڪميل جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار جوڙيو ويو آهي جنهن جي ڪري منصوبن ۾ بچت ۽ فنڊن جي صحيح اس??عمال کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جاري منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل لاءِ فنڊن جي مڪمل فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ان ڏس ۾ جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 70 سيڪڙو جڏهن ته نون منصوبن لاءِ 30 سيڪڙو فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، مجموعي طور تي 351 ترقياتي منصوبن کي تڪميل لاءِ مڪمل فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، ??زا??تن ۾ منصوبن جي نگراني جي صلاحيت کي مستقل بنيادن تي وڌايو پيو وڃي جنهن سان سڄو سال منصوبن جي سراسر نگراني ممڪن ٿي سگهندي. ان کانسواءِ فليگ شپ منصوبن جي نگراني جي ڪم ۾ ٿرڊ پارٽي فرمز کي به شامل ڪيو ويندو جنهن سان ڪم جي رفتار ۾ تيزي ۽ شفافيت پيدا ٿيندي، ان ڏس ۾ شامل طريقيڪار کي خودمار بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي سي ون ۽ پي سي ٽو کي مڪمل طور تي ڪميپوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي ۽ منصوبابندي واري ??زا??ت هلندڙ سال ڪاغذي فائل قبول نه ڪري رهي آهي. وڌيڪ سمورين ??زا??تن جا سيڪريٽريز 31 جولاءِ تائين ڪيش ۽ ورڪ پلين پيش ڪندا ۽ ترقياتي فنڊز جي اس??عمال سان انهن جي ??زا??تن جي اهلڪارن جي ڪارڪر??گي متعين ڪئي ويندي. اجلاس کي اي پروڪيومينٽ ۽ اي پيمنٽ جي نظام تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ منصوبابندي واري ??زا??ت وزيراعظم کي ان حوالي سان انهن قدمن تي اڳڀرائي تي ٽه ماهي رپورٽ به پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته حڪومت جي ذميدارين ۾ اولين عوام جي ٽيڪس جو صحيح اس??عمال يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته نظام ۾ آٽوميشن آڻڻ لاءِ قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اي ٽينڊرنگ جهڙا قدم ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهن، ان کانسواءِ ??زا??تن جي ڪم جي طريقيڪار جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ منصوبن جي اهميت جي حساب سان درجا بندي ڪري وسيلن جو اس??عمال ڪيو وڃي.