اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معي??ري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آ??ريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف اي??زيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪ??ري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه صدر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي ب??ري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.