اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لا??ِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ م??جب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علا??قا??ي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علا??قا??ي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علا??قا??ي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لا??ِ پارليامينٽ ??ي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علا??قا??ي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علا??قا??ي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.