پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن، واپاري برادري ٽيڪس اد?? ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري، افعانستان ۾ امن سان خي??رپ??تونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ خي??رپ??تونخواهه جي ڪاروباري برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خي??رپ??تونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. ص??ر چيو ته مڪمل ٽيڪس اد??ئيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مدد ملندي، واپاري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس اد?? ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري برادري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ سڌارا جاري آهن. ص??ر چيو ته واپاري برادري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرو??ت آهي.