اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سب?? پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سب?? 54 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 363 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 54 ماڻهو ان وائرس سب?? فوت ٿيا جن مان 47 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 39 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ما?? سنڌ ۾ 13 هزار 632، پنجاب ۾ 16 هزار 635، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 6 هزار 234، اسلام آباد ۾ 5 هزار 798، بلوچستان ۾ 584، گلگت بلتستان ۾ 419، آزاد ڪشمير ۾ 442 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 80 هزار 696 ٿي چڪو آهي.