اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي فوري ادائيگي جي نظ??م ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي منصوبي ”راست“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب افتتاحي تقريب ٿي. تقريب ۾ اهم شخصيتن بشمول وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري??، ڪارانداز جو سي اي او، بئ??ڪن ۽ ٽيلڪوز جا سي اي اوز ۽ ڪيترن ئي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جا نمائندا موجود هئا. تقريب جي ميزباني بئنڪ دولت پاڪستان ڪئي. ”راست“ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ اهم قدم آهي جنهن تح?? هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز پاڪستان جي حصيد??ري سان پاڪستان جو فوري ادائيگي جو پهريون نظ??م تيار ڪيو آهي.