اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??ن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿ?? ۽ ??ڏيل مفادن لاءِ واپار، معيش??، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون کي س??راهي ٿو.