گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن، اهي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ٻاهرئين ملڪ ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي اولادن کي به ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، عوامي نمائندا پئسو ڪمائڻ ??در??ن عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين ۽ گلگت بلتستان جي عوام جون زندگيون بدلائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آڻين ۽ گورننس جو اعليٰ معيار قائم ڪن، ص??ت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جو دائرو گلگت بلتستان تائين وڌايو وي??دو، سياحت جي فروغ جي لاءِ سستا قرض ڏنا وي??دا، هائيڊرو اليڪٽرڪ سان خصوصي اقتصادي زون بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظها?? هن گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل ڪابينا جي حلف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.