اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي ف??ڪارن جي ف?? جي واپاري سطح پذيرائي ضروري آهي ڇو ته لوڪ گلوڪارن ۽ روايتي دستڪارن اسان جي ثقافت کي زندهه رکيو آهي. صدر اها ڳالهه لوڪ ورثه ۾ 10 ڏينهن واري لوڪ ميلي جي پڄاڻي تي لوڪ گلوڪارن، دستڪارن ۽ هنرمندن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خط??ب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان ثقافتي ورثي خاص طور تي ٻڌمت جي نوادرات ۽ آثار جي حوالي سان متنوع حيثيت رکندڙ ??لڪ آهي.