اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهي مخالف ڌر ميمبر جيڪي اڳ ۾ ملڪ ۾ سخت ترين لاڪ ڊائون نه ٿيڻ تي تنقيد ڪند?? هئا هاڻي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جلسا ڪري عوام جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي اڳ ۾ سخت ترين بندشون چاهيند?? هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد جا تير هلائيند?? هئا اڄ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي انت??ائ?? غيردانشمنداڻي سياست ڪري رهيا آهن.