اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين ا??تصادي لنگهه سي پيڪ علائقا??ي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائيندو، ان منصوبي س??ن چين ۽ پاڪستان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيا??ي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??تصادي راهداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي س??ن منعقد بحث مباحثي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مباحثي جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.