اسلام آباد – 05 نومبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، سمورا اسلامي ملڪ هڪ گڏيل لائحه عمل تحت گڏيل مطالبا عالمي فورمز تي رکن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعن جو تدارڪ ڪري سگهجي، اسان کي قومي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي وراثتي حقن جي تحفظ ۽ جائيداد ۾ کين حصو ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن عشق رسول ﷺ جي مناسبت سان عظمت مصطفيٰ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.