اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ ڀارت کي اهميت ڏيڻ جو آمريڪي طرز عمل خامين تي ٻڌل آهي، والاريل ڪشمير تي آمريڪا مان ٻنهي ملڪن سان هڪ جهڙي پال??سي جي اميد آهي، ڀارت چين، بنگلاديش، سريلنڪا، پاڪستان جي لاءِ خطرو آهي، ڀارت نازي فلسفي تي هلندڙ فاشسٽ رياست آهي. اها ڳ??لهه هن جرمن خابرو اداري کي هڪ انٽرويو ڏيندي چئي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان سم??رٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪيو، پاڪستان جي حڪومت ڪورونا وائرس جو مڪمل ادراڪ رکي ٿي. انهي لاءِ اسان ڪجهه علائقن تي سخت پال??سي اختيار ڪئي، اسان زرعي سيڪٽر کي ٻيهر کوليو، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر کي کوليو ته جيئن روزاني جي بنياد تي ڪمائيندڙ متاثر نه ٿين.