اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر غريب ۽ ضرورتمند ??بق?? جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، نيشنل بئنڪ، الائي?? بئنڪ، ميزان بئنڪ، حبيب بئنڪ، بئنڪ الحبيب ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن وزيراعظم کي نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت قرضن جي فراهمي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قرضن کي حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ترين بڻايو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ برانچن ۾ ڌار ڊيسڪ ٺاهيا ويا آهن، پرائ??وي?? بئنڪس، اسلامي ۽ روايت?? بئنڪاري ٻنهي تحت قرض فراهم ڪنداسين، بئڪن جي سربراهن حڪومت کي تعميرات جي سيڪٽر جي فروغ ۽ غريب ??بق?? کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سهولت مهيا ڪرڻ تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هنن وزيراعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم کي ڪورونا وبا جي پيش نظر ڪاورباري ??بق?? سميت بئنڪن جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته قرضن جي فراهمي جي عمل کي گهٽ مدي وارو ٺاهڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن قرض وٺندڙ ماڻهو جي ڪاغذن جي تصديق جلد ٿي سگهي.