اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان ويزن اصل ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو اهم سنگ ميل آهي، موجوده حڪومت نه ر??و عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي پر قرضن ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کڻ?? رهي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب هن اها ڳالهه انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وزارت تحت يونيورسل سروس فنڊ پاران جاز ۽ يو فون کي ڏنل پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. معاهدي تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حارث محمود چوڌري، يو فون جي سي اي او راشد خان ۽ جاز جي سربراهه عامر ابراهيم صحيحون ڪيون.