اسلا?? آباد – 27 سيپٽمبر (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو آهي ته ??ياحت جي شعبي جي ترقي ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، سياحت جو شعب?? ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ??ياحت جو شعبو ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو، موجوده حڪومت سياحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، سياحت جي موقعن مان فائدو کڻي ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو.