اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر جو فروغ، ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪاروباري برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ايف بي آر کي بدعنوان عنصرن کان پاڪ ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي، ماڻهن، ڪمپنين ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪمپنين جي لاءِ ٽيڪس فارم کي ??رج??حي بنيادن تي آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.