لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ پنجاب ??وبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب ??ان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب ??ي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده ??ڪو??ت پاران عملي اڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب ??ي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي ??ڪو??تن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻ??يو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب ??يڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب ??ي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.