اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ اٿارٽي جي ??ار??ردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، ان منصوبي کي هر حال ۾ مڪمل ڪري ان جا ثمر هر پاڪستاني تائين پهچايا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تحت منصوبن جي ا??ڀر??ئي تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.