اسلام آباد – 07 اپ??يل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس کي انساني الميو قرار ڏيندي چيو آه?? ته هن وقت اسان کي وڌ کان وڌ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آه??. اسپيڪر جي صدارت ۾ تبليغي جماعت جي مجلس شوريٰ جي ميمبرن جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، شهريار آفريدي، اعجاز شا??ه سميت پرڏيهي وزارت، ايوي ايشن، گهرو وزارت ۽ صحت واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي.