اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي آسانين جو سال قرار ڏيندي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ??اط??ي ڪرائي آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين ??ي تحفظ، هيلٿ انشورنس ۽ اي او بي آءِ کان رجسٽريشن جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن قانون مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ واضح هدايتون آهن ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائگي، نوڪرين ??ي تحفظ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو معاملو مستقل بنيادن تي جلد حل ڪيو وڃي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??سٽينڊنگ ڪميٽي کي صحافين ??ي تحفظ، پگهارن ۽ رهتن جي ادائگي جي معاملن تي بريفنگ ڏئي رهي هئي.