اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي بالاڪوٽ ويجهو مبينا دهشتگرد ڪيمپ کي هدف بڻائڻ ۽ وڏي جاني نقصان جي ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ??هي ته هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي حڪومت فرضي ۽ ڪوڙين دعوائن جو سهارو ورتو آهي، ڀارت بنا ڪنهن سبب جي جارحيت جو مظاهرو ڪيو ??هي ۽ پاڪستان جوابي ڪارروائي ل??ءِ وقت ۽ جڳهه جو تعين پاڻ ڪندو، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام هر قسم ج?? حالتن جي ل??ءِ تيار رهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو خصوصي اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو ??نهن ۾ پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير، ناڻي واري وزير، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ ٻين سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.