رياض – 29 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي قطيف ڪمشنري ۾ مقامي شهري ماهر الغانم پنهنجي ??وست سان گڏج?? ا??تهائي نادر ۽ ناياب شيون جمع ڪري ميوزيم قائم ڪري ورتو آهي. سعودي ??ي و?? ا??اخباريه سان ڳالهائيندي ??اهر الغانم ٻڌايو ته کيس قديم شيون جمع ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن پنهنجي ??وست حسن العوامي سان گڏجي پراڻيون ۽ نادر شيون جمع ڪري ميوزيم قائم ڪري ورتو جنهن ۾ ستن سالن جو عرصو لڳو. هن چيو ته ميوزيم ۾ انتهائي نادر شيو?? موجود آهن جن ۾ اڪثر هزارين سال پراڻيون آهن. هن چيو ته ميوزيم ۾ 50 جي ڏهاڪي ۾ ملڪ ايندڙ پهرين ٽي وي سيٽ، نار جنگ ۽ پهرين ۽ ٻئين مهاڀاري جنگ جون ش??ون رکيون ويون آهن جن ۾ فوجين جي ??وراڪ جا دٻا، مٿي تي پاتل حفاظتي ٽوپي، بندوق جون گوليون ۽ جنگي لباس وغيره شامل آهن. ميوزيم ۾ هزارين سال قديم استعمال هيٺ مٽي سان ٺهيل ٿانو ۽ صراحين کان علاوه انتهائي نادر ۽ قيمتي پٿر پڻ رکيا ويا آهن.