اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ا?? کي جلد تمام و??و سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، بي ا??تمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرو??ت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين سان ڳال??ائ??ندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي ا??اثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرو??ت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، ا??ا ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، ڇا چورن جي دٻاءُ تي ا??تعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار سان ملاقات ٿي آهي، ا?? سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، بي ا??تمادي واري مئچ اسان کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام و??و سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، ا??هن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن سان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ويندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.