اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستا?? جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيا?? جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيم?? جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدار?? جي اجلاس ۾ پيش ڪي?? خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني حق?? جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستا?? جي قدمن کي او آءِ سي ۽ ا?? جي ميمبر ملڪن پا??ان مڪمل ح??ايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ سان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستا?? جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آءِ سي جي مسلسل ڌيا?? جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغانستا?? جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪي?? فيصلن موجب اسان کي مناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آءِ سي جي موجودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستا?? جي چيئرمين ش?? دوران اسان او اءِ سي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آءِ سي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل ح??ايت جا خواهشمند آهيون.