اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ م??اقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻ??ن اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاق?? وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاق?? وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ ??نه??جو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر ??نه??جي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.