راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??سٽريلوي ڪر??يٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪر??يٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪر??يٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪر??يٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ ران??يگ??ن سان ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته ??پوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪر??يٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته ??يئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته ??هي به عام ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسند?? آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪر??يٽ بحال ٿي رهي آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته ??نهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته ??نهن جا پورا نه ٿي رهي?? آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سان چاهيون ٿا ته ??نڊين ڪر??يٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪر??يٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪر??يٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪر??يٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ ران??يگ??ن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪر??يٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.