اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گادي واري ??هر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي سيڙپڪاري سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ هائي رائز (ڊگهين عمارتن) جي منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گادي واري ??هر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ اسلام آباد جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آ??ي. ??ن چيو ته حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ محفوظ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري رهي آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو جيڪو ٻين فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري سگهبو. هن چيو ته گادي وارو ??هر ملڪ جي سڃاڻپ هو??دو آهي، ان جي لاءِ اسلام آباد کي جديد سهولتن سان ليس ??هر بڻائڻو آ??ي. ??زيراعظم هدايت ڪئي ته زمينن جي وڪري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيا وڃن. قبضي مافيا ۽ ناجائز قبضن جي خلاف قدمن ۾ تيزي آندي وڃي، اسلام آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 3 هائي رائز عمارتن جي تعمير جي منصوبابندي ٿي رهي آهي جن ۾ مجموعي طور تي اپارٽمينٽس جو انگ 14400 هو??دو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهرين خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سي ڊي اي جديد سهولتن سان ليس ون ونڊو سينٽر فعال ڪري ڇڏيو آهي. ان سينٽر ۾ پراپرٽي جي منتقلي ۽ ٻين شهري سهولتن بابت ڊيجيٽل پورٽل ميسر آهي جنهن سان مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل ۾ مدد ملندي.