اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي بنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پ??ڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پ??ڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارت??ار?? جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپ??ار?? جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، شا??ه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خ??طر?? ڪرائي.