اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پ??ڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پ??ڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي آسانيون پيدا ڪيون آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پار پ??ڪستانين لاءِ شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پ??ڪستانين جي معاملن واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پ??ڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ حڪو??ت جي قدمن ۽ چونڊن ۾ راءِ جو حق ملڻ تي حڪو??ت جي پذيرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خصوصي صلاحڪار کي سمنڊ پار پ??ڪستانين ۽ سفارتخانن جي وچ ۾ رابطا وڌائي مسئلن جي حل جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.