اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشري??ت وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاع??ت واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزير کي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي ??هي?? آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.